زنگيجو، ستار

زنگيجو، ستار

ستار زنگيجو

ستار زنگيجو: مشهور ڪالم نويس ۽ قومي ڪارڪن ستار زنگيجو پهرين آگسٽ 1977ع تي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. سنڌي ادب ۽ صحافت جي شعبن ۾ ماسٽرس ۽ ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين. هن وقت هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي. ستار زنگيجو بين الاقوامي سماجي ادارن سان گڏجي 2010ع کان سنڌي ماڻهن جي سهائتا لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن 1988ع ڌاري جيئي سنڌ- لطيف سنگت کان سياست جي شروعات ڪئي پوءِ پهرين ڪاليج ۾ جساف ۽ پوءِ جسقم سان سلهاڙيل رهيو. هيءُ ڪيترائي دفعا جسقم جي نيشنل ڪانگريس ۽ جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت روهڙي ۽ سکر شاخ سان سلهاڙيل رهيو. بين الاقوامي سماجي ادارن سان سلهاڙيل هئڻ ڪري مختلف وقتن تي هن جا انٽرويو رائٽر، اڪنامڪس، انٽرنِيشنل، ڊان اخبار وغيره ۾ ڇپبا رهيا آهن. ستار زنگيجو سنڌ ۾ انساني ۽ سياسي حقن جي لتاڙ تي آڪسفيم انٽرنيشنل جي تيار ڪيل دستاويزي فلمن ۾ سهڪاري پڻ رهيو. ستار زنگيجو گذريل ٻارهن سالن کان سنڌ جي ڪيس کي بين الاقوامي ادارن تائين پهچائڻ لاءِ ورلڊ سنڌي ڪانگريس سان لاڳاپيل آهي. مختلف وقتن تي ورلڊ سنڌي ڪانگريس سنڌ جو سيڪريٽري ۽ ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي رهيو آهي. هينئر ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو وائيس چيئرمين آهي. هيءُ وقت به وقت سياسي سماجي مسئلن تي ڪالم لکندو رهي ٿو. جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. ستار زنگيجو جي. ايم سيد مـيـمـوريـل اوارڊ ڪـامـيـٽي آمريڪا جو ميمبر پڻ آهي. جنهن پاران هند- سنڌ جي اديبن کي مڃتا اوارڊ ڏنا ويندا آهن. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.08.01  عيسوي

مشهور ڪالم نويس ۽ قومي ڪارڪن ستار زنگيجو پهرين آگسٽ 1977ع تي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درويش قطب
پير ڪامل قريشي
تڳيو چانگ
سيد محمد ڪامل شاهه
ڀاٽيا جهامنداس پروفيسر
شاهجهان
ڄيٺملاڻي رام
جمشيد ٽاٽا
سراج ڪمانگر
البرٽ ڪامئو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون